APP72-010221 ISLAMABAD: February 01 – Banking Mohtasib Muhammad Kamran Shehzad calls on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪاري جي شعبي ۾ جعلي سرگرمين ۽ سائبر ڏوهن جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي دوکيبازي کان بچائڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي سسٽم کي اپ گريڊ ڪري حفاظتي قدم کنيا وڃن. اها ڳالهه هن بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد سان ملاقات ۾ ڪئي. ان موقعي تي بئنڪنگ محتسب جي سال 2020ع جي ڪارڪردگي رپورٽ صدر کي پيش ڪئي وئي. صدر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صارفين کي مالي نقصان ۽ فراد کان بچائڻ جي لاءِ موثر احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. هن چيو ته خدمتن جي بهتر فراهمي ۽ شڪايتن جي فوري ۽ موثر ازالي جي لاءِ جديد ترين انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سيمينارز ۽ موثر ميڊيا مهم ذريعي بئنڪاري جي شعبي ۾ دوکيبازي ۽ فراڊ بابت ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪيو وڃي.