APP11-050221 ISLAMABAD: February 05 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz talking to media persons during photographic/painting exhibition arranged by DEMP in collaboration with National Institute of Folk and Traditional Heritage (NIFTH) to mark Kashmir Solidarity Day at Lok Virsa. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ اسان سڀ ڪشمير جي شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان موثر انداز ۾ سڄي دنيا آڏو ڪشمير جي مسئلي کي پيش ڪيو، عالمي برادري جو ڪشمير جي مسئلي خاص طور تي هندستان جي ظلمن تي ٻٽو معيار هڪ وڏو سواليه نشان آهي، ڪشمير اهڙو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جي ڪا ضمانت نه آهي، اهڙا واقعا پيش ٿي سگهن ٿا جن سان رڳو خطو نه پر سڄي دنيا متاثر ٿي سگهي. هو لوڪ ورثه ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ ڪشمير سان يڪجهتي بابت تصويري نمائش کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير تصويري نمائش جو باقاعده افتتاح به ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته 5 فيبروري ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش منعقد ڪرڻ احسن قدم آهي، اهي تصويرون سڄي دنيا جي لاءِ ڀارتي ظلمن جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ”معصوم ۽ مظلوم ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا“ اهو بنيادي طور تي انهن لکين شهيدن سان يڪجهتي آهي جيڪي آزادي جي نعمت کان محروم آهن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جي قربانين جو اعتراف آهي. هن چيو ته هندستان غاصباڻي طرز عمل ۽ يو اين قراردادن جي کليل خلاف ورزيون ڪيون ۽ خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع آرٽيڪل 35، 370 کي ملتوي ڪري جيڪي قدم کنيا انهن جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي. سڄي ڪشمير ۾ گذريل ڏيڍ سال کان بدترين لاڪ ڊائون آهي، هندستان ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي.