ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڏکڻ آفريقا طرفان مليل 88 رنسن جو هدف قومي ٽيم 27.5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان سان حاصل ڪري مهمان ٽيم کي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. فواد عالم کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. اسپنر نعمان علي ۽ ياسر شاهه ميچن ۾ 7-7 وڪيٽون حاصل ڪيون. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن جمعي ڏينهن پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪري ورتي. قومي ٽيم 27.5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 90 رنسون بڻايون. فواد عالم کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. فواد عالم ميچ ۾ خوبصورت بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي پهرين اننگ ۾ 315 منٽن ۾ 9 چؤڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 109 رنسون ٺاهيون. اسپنر نعمان علي ۽ـ ياسر شاهه ميچ ۾ 7-7 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان اسپن بالر بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪنهن به موقعي تي پروٽيز کي ڄمي کيڏڻ نه ڏنو. پاڪستاني بالرن راند جي چوٿين ڏينهن جي شروعاتي سيشن ۾ بهترين پرفارمس جو مظاهرو ڪندي ڏکڻ آفريقا جي بيٽسمينن لاءِ ڏُکائيون پيش ڪندي ٻي اننگ ۾ 245 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو. پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 88 رنسون گُهربل هيون. قومي ٽيم جي اوپنرز پهرين اننگ وانگر ٻي اننگ ۾ خاطرخواه ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو نه ڪيو ۽ـ جڏهن مجموعي اسڪور 22 رنسن تي پهتو ته عابد علي 17 بالن تي 2 چؤڪن جي مدد سان 10 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. هو اين رچ نارٽ جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو، جنهن کانپوءِ عمران بٽ پڻ 30 بالن سان 3 چؤڪن جي مدد سان 12 رنسون ٺاهي وڪيٽ ڪيپر ڪپتان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. اظهر علي ۽ ڪپتان بابر اعظم ملي ڪري ٽيم کي سهارو ڏنو، ٻنهي بيٽسمينن ملي اسڪور کي 86 رنسن تي پهچايو پر بدقسمتيءَ سان ان موقعي تي ڪپتان بابر اعظم 39 بالدن تي 6 چؤڪن جي مدد سان 30 رنسون ٺاهي مهاراج جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ان موقعي تي اظهر علي سان فواد عالم بيٽنگ ڪرڻ لاءِ آيو کيس 4 بالن تي هڪ بائونڊري لڳائي پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي سان همڪنار ڪيو.