APP58-210121 ISLAMABAD: January 21 – President Dr. Arif Alvi being briefed about initiatives being taken for the Persons with Disabilities at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري سرٽيفڪيٽ جي آسان ۽ فوري دستيابي لاءِ ملڪ ۾ ون ونڊو آپريشنز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز خصوصي ماڻهن جي آساني لاءِ اسلام آباد ۾ طبي ماهرن ۽ نادرا جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ادارا جاتي نظام قائم ڪن . اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.