APP74-220121 ISLAMABAD: January 22 – MNA Muhammad Asim Nazir, MNA Khurram Shehzad, Ex-MNA, Shahid Nazir and Special Assistant to Prime Minister for Political Affairs, Malik Amir Dogar call on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صنعتي ترقي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ به اهميت رکندڙ آهي. هن اهڙن خيال جو اظهار فيصل آباد سان تعلق رکندڙ ايم اين اي محمد عاصم نذير، ايم اين اي خرم شهزاد ۽ شاهد نذير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سياسي معاملن وارو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.