ڄامشورو – 26 جنوري (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۾ بي سي ايس، بي سي آءِ ٽي، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي سمورن بئچن جي پهرين سيمسٽر (ريگيولر ۽ فيلوئر) جا امتحاني فارم 29 جنوري کان 16 فيبروري 2021ع تائين ليٽ في کانسواءِ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪنٽرولر وڌيڪ ڄاڻايو ته 17 فيبروري کان 19 فيبروري تائين 5 هزار رپيا ليٽ في سان امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا. پڌرائي موجب بي سي ايس ۽ بي سي آءِ ٽي حصو پهريون، ٻيون ۽ ٽيون، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ حصو پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون جي پهرئين سيمسٽر جي ريگيولر شاگردن جي امتحاني فارم جي فيس 2700 رپيا ۽ فيلوئرز جي امتحاني فارم جي فيس 3800 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.