APP78-220121 ISLAMABAD: January 22 – Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting in a meeting with office bearers of Abbottabad Press Club. APP

اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ آزاداڻي ۽ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي لاءِ ڪوشان رهنداسين، ميڊيا لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي سمورا ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. صحافين جي ڀلائي ۽ تحفظ جي حوالي سان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهيا آهيون. هو ايبٽ آباد پريس ڪلب جي عهديدارن تي ٻڌل وفد سان ملاقات ڪري رهيو هو. ايم اين اي علي خان جدون به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ڪندڙ وفد ۾ ايبٽ آباد پريس ڪلب جو صدر محمد عامر شهزاد خان جدون، جنرل سيڪريٽري راجا محمد هارون، سينئر نائب صدر طارق جدون، جوائنٽ سيڪريٽري محمد هارون تنولي، هزاره جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو صدر تيمور جدون ۽ جنرل سيڪريٽري لقمان شامل هئا.