ڪراچي – 26 جنوري ( اي پي پي ) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر طور چارج سنڀالي ورتي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اعلان ڪرڻ بعد سيڪريٽري سنڌ اسمبلي نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفيڪشن جاري ٿيڻ بعد حليم عادل شيخ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر پي ٽي آئي جي سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي گهر پهچي ملاقات ڪري ساڻس گڏ اپوزيشن ليڊر جي آفيس وٺي ويو ۽ چارج سنڀالي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان، پي ٽي آئي جي قائدين ۽ اتحادي جماعتن جو ٿورائتو آهيا جن مون تي اعتماد ڪري حمايت ڪئي.