APP61-130121 ISLAMABAD: January 13 - Prime Minister Imran Khan addresses the inauguration ceremony of E-Bidding, E-Billing and GIS System of National Highway Authority. APP

اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آهي، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.