APP58-011220 ISLAMABAD: December 01 - Chinese State Councilor and Minister of Defence, General Wei Fenghe along with a high-level delegation called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ دفاع واري وزير جنرل وي فن هي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي قومي ترقياتي مقصدن جي لاءِ چين پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪوويڊ 19 جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ تي چين کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ امداد تي چين جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.