APP68-251120 ISLAMABAD: November 25 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing the participants of the celebration of the 16 days of Activism Against Gender-Based Violence organized by Women's Parliamentary Caucus at Parliament House. APP

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عورتون معاشري جو اهم جز آهن انهن جي حقن ۾ بهتري کانسواءِ معاشرو اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وومين پارليامينٽري ڪاڪس ۽ يو اين وومين جي حصيداري سان عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ 16 ڏينهن واري سرگرمين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.