APP14-13 ISLAMABAD: March 13 - President Dr. Arif Alvi talking to outgoing Ambassador of Qatar, Saqr Bin Mubarak M.S. Al-Mansouri who paid a farewell call on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان ڀائراڻي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير قصر بن مبارڪ المنصوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.