APP58-05 LAHORE: December 05 - President Dr Arif Alvi addressing during the 3rd day of 31st AdAsia 2019 Congress. APP photo by Rana Imran

لاهور – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بابت پيدا ٿيل غلط تاثر ملڪ کي هڪ مخلص ۽ ايماندار قيادت ميسر ٿيڻ جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي، پاڪستان هڪ وڏي اڀرندڙ مارڪيٽ آهي ۽ هتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ هي بهتر سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ محفوظ جڳهه بڻجي چڪو آهي. هو الحمرا هال ۾ ايڊ ايشيا ڪانفرنس لاهور 2019ع کي خطاب ڪري رهيو هو.