نيويارڪ – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ڀارت ۽ پاڪستان جي اڳواڻن سان پنهنجي ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن کي ثالثي يا مصالحت ۾ مدد جي آڇ ڪئي، انهن کي ڪشمير جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي،گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ٽرمپ پنهنجي هوٽل ۾ هڪ پرهجوم نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، هن ٻڌايو ته مون انهن اڳواڻن کي چيو ته ساٿيو ان مسئلي جي حل لاءِ ڪم ڪريو، بس ان تي ڪم ڪريو.