مڪه– 27 مئي (اي پي پي) رابطه عالم اسلامي جي اهتمام هيٺ اسلام جي اعتدال پسند تعليم ۽ دين جي روشن قدرن جي حوالي سان 4 ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس مڪي ۾ شروع ٿي وئي. ان ڪانفرنس جي سرپرستي خادم الحرمين الشريفين ساهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ڪري رهيو آهي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مڪه پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.