APP78-19 ISLAMABAD: April 19 - President Dr. Arif Alvi addressing the Inaugural Ceremony of the 10th National Book Festival in the federal capital. APP

اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪتاب علم جو خزانو هوندو آهي، هر پڙهيل لکيل شخص کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي، ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ مطالعي جو رجحان پيدا ڪرڻ والدين ۽ استادن جي ذميداري آهي، علم جي جستجو ۽ ان کي وڌائڻ ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته کيس ڪتاب پڙهڻ جو شوق آهي، ان کانسواءِ هو ڪمپيوٽر تي به مطالعو ڪندو آهي.