لاهور– 15 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز 22 مارچ کان يو اي اي ۾ شروع ٿيندي. شعيب ملڪ جي ڪپتانيءَ ۾ 16 رڪني ٽيم 18 مارچ تي يو اي اي رواني ٿيندي. اعلانيل ٽيم ۾ شان مسعود، امام الحق، عابد علي، حارث سهيل، سعد علي، عمر اڪمل، شعيب ملڪ (ڪپتان)، محمد رضوان، عماد وسيم، ياسر شاهه، محمد عباس، محمد عامر، جنيد خان، فهيم اشرف، عثمان شنواري ۽ محمد حسين شامل آهن. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ گڏيل عرب امارات ۾ شيڊول ون ڊي سيريز دوران آءِ سي سي ريڪنگ ۾ پنجين ۽ ڇهين پوزيشن جو پڻ مقابلو ٿيندو.