APP15-19 ISLAMABAD: February 19 - Federal Minister for Finance, Asad Umar chairing the meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet at the Cabinet Division. APP

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان اسٽيل ملز بابت نيب ڪيسن ۾ جاچ هيٺ عملي جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جڏهن ته ملڪ ۾ ڀاڻ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ يوريا پلانٽس کي آڪٽوبر تائين پيداوار جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاڪستان اسٽيل ملز بابت نيب ڪيسن تي اڳڀرائي جي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني.