دبئي – 25 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو چوٿون ايڊيشن ٻيهر دبئي منتقل ٿي ويو. ٽئين مرحلي جي شروعات اڱاري ڏينهن ٿيندي. اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتانز جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. هيستائين کيڏيل ميچن جن ۾ ڪوئيٽه گليٽئيڊر 4 ڪاميابين سان گڏ پوائنٽس ٽيبل تي سڀ کان اڳيان آهي.