APP106-20 ISLAMABAD: February 20 - Prime Minister Imran Khan addressing the gathering during the ceremony in PM Office for distribution of awards among top tax payers of Pakistan. APP

اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي، ٽيڪس ڏيندڙ اسان جي لاءِ وي آءِ پيز آهن، 17 لک فائيلر 21 ڪروڙ ماڻهن جو بار نه ٿا کڻي سگهن، سڄو بار اڻ سڌن ٽيڪس ذريعي عام ماڻهن ڏانهن منتقل ٿئي ٿو جيڪو ظلم ۽ ناانصافي آهي، ايف بي آر جي نظام ۽ گورننس ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ايندي. هو پهرين صف جي ٽيڪس ڏيندڙن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.