APP79-29 ISLAMABAD: January 29 - Prime Minister Imran Khan chairs a high level meeting on GSP Plus Status at PM Office. APP

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان انساني حقن جي تحفظ ۽ اقليتن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جي فروغ جي عزم جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن حصن مان جبري پورهئي جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڳڻپ وارو ادارو ٻارن کان پورهئي بابت سڄي ملڪ ۾ سروي جو اهتمام ڪري. هن اها هدايت جي ايس پي پلس بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.