APP32-05 ISLAMABAD: December 05 - President Dr. Arif Alvi talking to Chairman Press Council of Pakistan, Salahuddin Mengal, who called on him. Secretary Ministry of Information & Broadcasting Shafqat Jalil is also present. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر ايم صلاح الدين مينگل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪائونسل جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. صدر ڪائونسل جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ڪائونسل ۽ اطلاعات واري وزارت شڪايت جي ازالي ۽ پرنٽ ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق تي موثر عملدرآمد لاءِ وڌيڪ منظم طريقيڪار جوڙڻ لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙي.