اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جمعي ڏينهن پنڊي ڀٽيان – فيصل آباد موٽر وي تي نئين تعمير ٿيل سانگله هل انٽر چينج جو افتتاح ڪندو. منصوبي جي تعمير سان سانگله هل ۽ ڀرپاسي جا سمورا علائقا موٽر وي ۽ هاءِ وي نيٽ ورڪ سان سڌو سنئون ڳـنڍجي ويندا ۽ هتي زرعي ۽ صنعتي ترقي جي ذريعي معاشي ترقي جي راهه هموار ٿيندي.