اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪا مارجي ويندڙن جي خاندانن جي لاءِ آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي. هن اها هدايت وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙي وڃي، اها پاليسي مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ ٺوس آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي، اها پاليسي غور جي لاءِ ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت تفصيلي بريفنگ دوران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پروگرام ۾ شامل منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن تنهن ڪري وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن.