APP31-15 ISLAMABAD: July 15 - Senator Pervaiz Rashid, Federal Minister for IB & NH along with Special Assistant to The Prime Minister On Political Affairs, Dr. Asif Kirmani meeting with the delegation of Shia Ulema Council AJK. APP

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي جتي مسلڪ، مذهب، لسانيت، علائقايت جي بنيادي تي فرق نه هجي، اسان سڀ هڪ عقيدو ۽ ايمان رکندڙ پاڪستاني آهيون، خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان هڪ مدرسي کي 30 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي مخالفت تي عمران خان منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي. هو پنجاب هائوس ۾ شعيه علماءُ ڪائونسل آزاد ڪشمير طرفان 21 جولاءِ تي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت جي اعلان جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، شيعه علماءُ ڪائونسل پاڪستان جو اڳواڻ علامه زاهد نقوي، حافظ ڪفايت نقوي، مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پير علي رضا بخاري، ڊپٽي ميئر اسلام آباد ميٽرو پوليٽن رفعت جاويد، ذيشان نقوي، ارشد غازي ۽ ٻيا به موجود هئا.