APP05-15 ISLAMABAD: July 15 – Chairperson National Commission for Human Development Mrs. Razina Alam Khan called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين انساني ترقي واري قومي اداري جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هي ادارو عام ماڻهن کي تعليم تائين پهچ ۽ غريب ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪري قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن انساني ترقي واري قومي اداري جي چيئرپرسن روزينه عالم خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.