اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڊرون حملا اسان جي ملڪي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن، حڪومت عالمي سطح تي اهو معاملو کنيو آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر جي التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته اهو تاثر ته ڊرون حملن تي خاموشي آهي سو بلڪل غلط آهي، حملي جي اڳئين ڏينهن پرڏيهي وزارت مشاورت سان پريس نوٽ جاري ڪيو، پهرين ڏينهن اسان صورتحال واضح ڪري ڇڏي هئي، اڳئين ڏينهن وري پريس نوٽ جاري ڪيو، آمريڪي سفير کي گهرائي احتجاج ڪيو ۽ ٻڌايو ته عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي