اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي وزيراعظم محمد نواز شريف جي جلد صحتيابي ۽ سٺي صحت لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هتي موصول ٿيل پيغام جو موجب نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي وزيراعظم پاڪستان محمد نواز شريف جي تازي سرجري کانپوءِ سندس جلد صحتيابي ۽ تندرستي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي.