اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نواز شريف جي حوالي سان انٽرنيشنل ڪنسوريشم فار انويسٽيگيٽو جرنلسٽ پاران هنيل بي بنياد الزامن جي سخت مذمت ڪئي آهي جن کي هاڻي پاڻ ڪنسوريشم هڪ صحافتي غلطي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڪابينا مطالبو ڪيو آهي ته ڪنسوريشم ان غلطي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان جي سمورن قدمن کي ساراهيو ته هن پاڻ کي ۽ پنهنجي پوري خاندان کي کلي احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا ان عزم کي به ورجايو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان جي عوام ڪجهه مفاد پرست ۽ ترقي دشمن ماڻهن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندي ته هو پاڪستان جي خوشحالي ۽ عوامي ترقي جي ان سفر کي سبوتاز ڪن.