اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3500.30 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 152011.30 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 566 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 99 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 323 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 144 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3500.30 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 152011.30 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 566 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 99 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 323 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 144 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 352.27 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 19.51 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1180.47 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 45975.85 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 5117.55 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 220290.56 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 5.37 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپيٽلايئزيشن 1.9 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 60.5 ارب ڊالر ٿي ويو.











