اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) پاڪستان مختلف ڌرين پاران سخت بيان سامهون اچڻ جي باوجود آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهه ٻولهه وارين ڪوششن تي اميد جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي ڪوششن جو مقصد ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ڪرڻ آهي. هن چيو ته بيجنگ ۾ پيش …
پاڪستان جي ڪوششن جو مقصد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ڪرڻ آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پريس بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مختلف ڌرين پاران سخت بيان سامهون اچڻ جي باوجود آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهه ٻولهه وارين ڪوششن تي اميد جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي ڪوششن جو مقصد ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ڪرڻ آهي. هن چيو ته بيجنگ ۾ پيش ڪيل 5 نقاطي امن منصوبو ۽ اسلام آباد جي چار ڌريي ڳالهه ٻولهه جي نقطن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جو پاڪستان تي اعتماد ان جي ثالثي ڪردار جو اعتراف آهي جڏهن ته پاڪستان جو موقف عالمي اصولن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ تي ٻڌل آهي. ترجمان يو ته پاڪستان نار ملڪن تي ايران پاران ڪيل حملن جي مذمت ڪئي ۽ ان کان اڳ ايران تي ٿيندڙ حملي جي پڻ مذمت ڪئي. هن چيو ته اسان جو موقف اصولن، انساني چارٽر جي اصولن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان قائم آهي. آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي دوري بابت پڇڻ تي ترجمان واضح ڪيو ته امڪاني ڳالهه ٻولهه جو وقت، ايجنڊا ۽ وفدن جو تعين لاڳاپيل ملڪ پاڻ ڪندا. ڳالهه ٻولهه ۾ ڪنهن اسرائيلي نمائندي جي شرڪت بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته ان وٽ اهڙي ڪا اطلاع نه آهي جڏهن ته پاڪستان آمريڪا، يورپي حصيدارن، او آءِ سي ۽ جي سي سي ملڪن سان ڳالهائي رهيو آهي جن مان ڪجهه جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا آهن. ترجمان چيو ته ان انتهائي مشڪل سهولتي عمل ۾ پيدا ٿيندڙ ڏکيائين جي باوجود اسان جون ڪوششون جاري رهنديون، چئلينجز ۽ رڪاوٽون پنهنجي جڳهه تي موجود ٿي سگهن ٿيون تنهن هوندي به اسان سهولتڪاري جي پنهنجي ڪوششن ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته پاڪستان ايران تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ چيو ته پاڪستان رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏئي رهيو آهي. هن ميڊيا کي آگاهه ڪيو ته ايراني حڪومت پاڪستاني جهنڊي بردار وڌيڪ 20 سامونڊي جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني آهي جن مان روزانو ٻه سامونڊي جهاز آبنائي هرمز مان گذرن ٿا. ترجمان چيو ته اهو مثبت اعلان ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ اعتماد سازي جي قدمن جي رخ ۾ اسان جي گڏيل ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ بامعنيٰ اڳڀرائي آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو اهو بيان ته ايران ڳالهه ٻولهه ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي، غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ترجمان ميڊيا کي افغانستان ۽ ڀارت ۾ ڪوڙي معلومات ڦهلائيندڙن جي وچ ۾ گهري ڳٺ جوڙ جي حوالي سان خبردار ڪيو. هن چيو ته اهي ماڻهو عادي ڪوڙا آهن ۽ ان صورتحال ۾ جڏهن اسان ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪاري جي هڪ نازڪ ۽ حساس عمل مان گذري رهيا آهيون ۽ اهو ته اسان جي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عملي طور تي جنگ جهڙي صورتحال موجود آهي، اهڙيون ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته يورپي ڪائونسل ۽ ملائيشيا سميت ٻين ملڪن چار ڌريي ڳالهه ٻولهه جي 7 نقطن ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي بيجنگ جي دوري دوران پيش ڪيل پنج نقاطي امن منصوبي جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته تصديق جوڳي رڪارڊ موجب ڀارت ۾ هر سال مسلمانن جي خلاف هجوم جي تشدد (لنچنگ) جا اٽڪل 100 واقعا پيش اچن ٿا جڏهن ته ڏوهاري رياستي سرپرستي جي ڪري عدالتي پڪڙ کان بچي نڪرن ٿا. پرڏيهي آفيس ترجمان ارومچي ۾ پاڪستان – افغانستان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان چيو ته پاڪستان هڪ قابل اعتماد عمل جي حمايت جي لاءِ پنهنجو وفد موڪليو آهي جنهن جو مقصد محفوظ پناهگاهن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ ۽ افغانستان مان سرحد پار دهشتگردي جو خاتمو آهي. هن چيو ته اسان جي شرڪت اسان جي بنيادي خدشن جو ورجاءُ آهي تنهن هوندي به حقيقي عمل جي ذميواري افغانستان تي لاڳو ٿئي ٿي جنهن کي پاڪستان جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪندڙ دهشتگرد گروهن جي خلاف واضح ۽ قابل تصديق قدم کڻڻا پوندا. گڏيل عرب امارات ۽ افغان پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سامهون ايندڙ بيان بابت سوال تي هن چيو ته افغان ڌر جنهن ارادي جو اظهار ڪيو آهي، ان جي حمايت لکت واري شڪل ۾ ٺوس، تصديق جوڳي خاطرين جي ذريعي ڪرڻي پوندي ته انهن جي سرزمين سرحد پار دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. هن چيو ته اهڙي خاطري 2021ع ۾ دوحه ۾ طالبان پاران لکت واري صورت ۾ ڏني وئي هئي پر ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته آپريشن ”غضب الحق“ جاري آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ به پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪيون آهن جڏهن ته ڳالهه ٻولهه جي باوجود ان آپريشن ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.











