اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي کپت ۾ آهستي آهستي ۽ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو حڪومتي پاليسين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. اهڙو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگا بازار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ …
بجلي جي کپت ۾ آهستي آهستي ۽ نمايان اضافو حڪومتي پاليسين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي کپت ۾ آهستي آهستي ۽ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو حڪومتي پاليسين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. اهڙو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگا بازار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ جا اهم معاشي شعبا ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته پاور ڊويزن صنعتي شعبي لاءِ رعايتي ٽيرف جو جائزو وٺڻ کانپوءِ هاڻي ٽائيم آف يوز تجويزن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي، ان جو مقصد ملڪ جي شمسي توانائي جي صلاحيت مان فائدو کڻندي صنعتن کي رعايتي اگهه فراهم ڪرڻ آهي، ان حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته پاور ڊويزن بجلي جي پيداوار لاءِ ملڪ جي مقامي وسيلن جي استعمال بابت اهم پاليسي فيصلن تي به غور ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال مقامي وسيلن جي استعمال جي حڪومتي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏني. وفاقي وزير توانائي جي شعبي ۾ مسلسل تعاون تي ورلڊ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيو ۽ جاري منصوبن کي ساراهيو. هن حڪومت جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ عالمي بئنڪ سان ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار پاور ڊويزن جي سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيو ۽ ٽيرف ريشنلائيزيشن، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي ضم ٿيڻ سميت ترجيحي شعبن ۾ وزارت سان تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











