اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق روزاني دي نيشن اسلام آباد جي نيوز ايڊيٽر ۽ سينيئر صحافي شهباز ڀٽي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم شهباز ڀٽي جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مرحوم جون صحافت جي شعبي لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه ياد …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيئر صحافي شهباز ڀٽي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق روزاني دي نيشن اسلام آباد جي نيوز ايڊيٽر ۽ سينيئر صحافي شهباز ڀٽي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم شهباز ڀٽي جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مرحوم جون صحافت جي شعبي لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اسپيڪر مرحوم جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان کي ان وڏي نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.











