حڪومت سڄي ملڪ ۾ معياري ۽ هڪجهڙي تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته تعليم قومي ترقي جو بنياد آهي،  حڪومت سڄي ملڪ ۾ معياري ۽ هڪجهڙي تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هو اسلام آباد ماڊل ڪاليج  فار گرلز (پوسٽ گريجوئيٽ) جي 4/10 ۾ منعقد ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو جتي هن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پاس ٿيندڙ …

اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته تعليم قومي ترقي جو بنياد آهي،  حڪومت سڄي ملڪ ۾ معياري ۽ هڪجهڙي تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هو اسلام آباد ماڊل ڪاليج  فار گرلز (پوسٽ گريجوئيٽ) جي 4/10 ۾ منعقد ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو جتي هن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پاس ٿيندڙ شاگردياڻين ۾ سندون ورهايون. وفاقي وزير شاگردياڻين کي سندن تعليمي ڪاميابين تي مبارڪون ڏيندي چيو ته اهي ڪاميابيون سندن محنت، استادن جي رهنمائي ۽ والدين جي دعائن جو نتيجو آهن. هن استادن ۽ اداري جي انتظاميه جي ڪوششن کي به ساراهيو. هن چيو ته تعليم هر فرد جو بنيادي حق آهي ۽ ان جي فراهمي بنا فرق جي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته قومي ترقي لاءِ عورتن کي تعليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته تعليم يافته عورتون هڪ مضبوط ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت تعليمي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته هنرمندي جي تعليم، ڊجيٽل لرننگ ۽ استادن جي پيشيوراڻي تربيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين کي تلقين ڪئي ته هو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. تقريب جي پڄاڻي تي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردياڻين ۾ اعزاز ۽ سندون ورهايون ويون.

مزید خبریں