پشاور-02 اپريل(اي پي پي)پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواه ۾ 25 مارچ کان وٺي هن وقت تائين ٿيل برساتن سبب مختلف ضلعن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ترجمان موجب صوبي ۾ ٿيل برساتن سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب هن وقت تائين 25 ماڻهو فوت ۽ 77 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 18 ٻار، 2 مرد ۽ 5 عورتون جڏهن …
پي ڊي ايم اي پاران ڪي پي ڪي ۾ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري

مزید خبریں
پشاور-02 اپريل(اي پي پي)پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواه ۾ 25 مارچ کان وٺي هن وقت تائين ٿيل برساتن سبب مختلف ضلعن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ترجمان موجب صوبي ۾ ٿيل برساتن سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب هن وقت تائين 25 ماڻهو فوت ۽ 77 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 18 ٻار، 2 مرد ۽ 5 عورتون جڏهن زخمين ۾ 33 مرد، 9 عورتون ۽ 35 ٻار شامل آهن. برساتن سبب گڏيل طور تي 88 گهرن کي نقصان پهتو جن مان 71 گهرن کي معمولي نقصان پهتو آهي جڏهن ته 17 مڪمل طور تي تباه ٿيا آهن. برساتن سبب مختلف حادثا صوبي جي ايبٽ آباد، بنون، ڪوهاٽ، پشاور، نوشهره، باجوڙ، لڪي مروت، ڪرم، هنگو، شانگله، بونير، مالاڪنڊ، دير اپر، باجوڙ، بٽگرام، اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ پيش آيا. پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارا رابطي ۾ آهن ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن. مختلف ضلعن ۾ برساتن جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جيڪي 4 اپريل تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. عملدارن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي جڏهن ته سياحتي ماڳن جو رخ نه ڪرڻ گهرجي.پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، عوام ڪنهن به اڻوندڙ واقعي جو اطلاع، موسمي صورتحال ۽ معلومات لاءِ فري هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪري.











