تعليم ۽ صحت جي شرح ۾ نمايان بهتري سٺو سنئوڻ آهي : بلوچستان جو وڏ وزير مير سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا_02 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي 3 مهينن دوران کليل ڪچهرين ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري بابت شڪايتون هڪ سيڪڙو کان گهٽ رهجي ويون آهن . جيڪا حڪومت جي بهتر مانيٽرنگ ۽ موثر گورننس جو واضع ثبوت آهي . هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شرح ۾ نمايان بهتري سٺو سنئوڻ آهي ۽ …

ڪوئيٽا_02 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي 3 مهينن دوران کليل ڪچهرين ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري بابت شڪايتون هڪ سيڪڙو کان گهٽ رهجي ويون آهن . جيڪا حڪومت جي بهتر مانيٽرنگ ۽ موثر گورننس جو واضع ثبوت آهي . هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شرح ۾ نمايان بهتري سٺو سنئوڻ آهي ۽ ان سان عوام جو حڪوتي قدم تي اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿي ويو آهي . هن چيو ته کليل ڪچهرين ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري بابت عوامي شڪايتون سامهون آيون پر مربوط حڪمت عملي ، سخت نگراني ۽ وقت تي ٻڌڻي سبب ان مسئلي تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، ادارن ۾ حاضري کي يقيني بڻايو ويو آهي ۽ سروس ڊيلوري ۾ واضع بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي . وزيراعليٰ چيو ته گذريل 9 مهينن دوران بلوچستان جي 36 ضلعن ۾ مجموعي طورتي 412 کليل ڪچهريون منعقد ٿيون جنهن ۾ 3675 شڪايتون مليون ، انهن شڪايتن جو وڏو انگ تعليم۽ صحت جي ادارن جي بندش ۽ عملي جي غير حاضري بابت هو . پر هلندڙ سال مارچ ۾ موصول ٿيندڙ 871 شڪايتن مان صرف چار شڪايتون غير حضري بابت هيون جيڪو ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته سڌارتي قدم موٽر ثابت ٿي رهيا آهن. بلوچستان جي وزيراعليٰ  چيو ته صوبي جو هر هڪ اسڪول ۽ اسپتال فعال ڪري عوام کي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.

مزید خبریں