اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اتفاق، سياسي استحڪام ۽ گڏجي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي، وفاق ۽ صوبا گهٽ اهم منصوبن کي روڪين ته جيئن عام ماڻهو جو تحفظ ڪري سگهجي، ڪفايت شعاري ڪري …
خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڪري معاشي مشڪلاتن سبب هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ جنگي صورتحال جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اتفاق، سياسي استحڪام ۽ گڏجي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي، وفاق ۽ صوبا گهٽ اهم منصوبن کي روڪين ته جيئن عام ماڻهو جو تحفظ ڪري سگهجي، ڪفايت شعاري ڪري فنڊز جمع ڪرڻا پوندا، زرعي شعبي، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي بچائڻو پوندو ته جيئن عام ماڻهو مهانگائي کان گهٽ متاثر ٿئي، وفاق هيستائين 129 ارب رپين جو بار کڻي چڪو آهي، پاڪستان جنگبندي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، الله جي مهرباني سان خطي ۾ امن قائم ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خطي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ جنگ ٻئي مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اسان کي شهادتن تي تمام گهڻو افسوس آهي، اسان پنهنجا تعزيتي پيغام مختلف وقتن ۾ جاري ڪيا، خطي ۾ جنگ جا شعلا ٿڌا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مخلص دوست ۽ ڀائر ملڪ جي طور تي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پنهنجي هم منصب ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪئي. هو ان حوالي سان تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي. هن چين جو دورو ڪيو، کيس ٻانهن ۾ ڌڪ به لڳو پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جنگبندي ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها ڪوشش اڃا به جاري آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ان ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن وانگر هن جنگ کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي، معاشي ترقي جي لاءِ اسان سڀ گذريل ٻن سالن دوران گڏجي تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ پاڪستان جي معيشت کي ميڪرو سطح تي مستحڪم بڻائي ڇڏيو آهي، هن وقت ترقي ۽ خوشحالي جو وقت اچي چڪو آهي پر بدقسمتي سان هن جنگ جي ڪري اسان کي معاشي طور تي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن سان اسان جا ٻه سامونڊي جهاز آبنائي هرمز تان گذريا آهن، پاڪستاني جهنڊي بردار وڌيڪ 20 سامونڊي جهازن کي پڻ آبنائي هرمز مان گذارڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان پڻ اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جنگ جو خطرو هو ته مون مختلف اجلاس منعقد ڪيا ۽ اسان جي ٽيم چئني صوبن جي وڏن وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو. پهرين هفتي اسان کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 55 رپين جو اضافو ڪرڻو پيو، پاڪستان جي محنتي آبادگارن، مزدورن ۽ دڪاندارن جي لاءِ اهو تمام وڏو بار هو پر انهن ان کي برداشت ڪيو، گڏيل ۽ ڀرپور ڪوششن سان اسان وقت سر صورتحال جو ادراڪ ڪيو ۽ قدم کنيا، ڪابينا جي ميمبرن پنهنجي ٻن مهينن جي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو، تيل جي کپت ۾ 50 سيڪڙو جي ڪٽوتي ڪئي وئي، پارليامينٽ جي ميمبرن به ان ۾ حصو وڌو، تيل جي بچت جي لاءِ 60 سيڪڙو گاڏين جو استعمال بند ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا پڻ ٿورائتا آهيون ته هن ان معاملي ۾ خصوصي دلچسپي ورتي، کيس اسان معاملن کان باخبر ڪيو، صدر جا پڻ ٿورائتا آهيون جو هن اجلاس گهرايا ۽ انهن ۾ سٺي ماحول ۾ معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپيا ڏنا آهن، پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ۽ سمورا خرچ وفاق برداشت ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سڀ گڏجي تعاون ڪن، سمورن وڏن وزيرن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا ته انهن ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو، ڪفايت شعاري مهم ۾ صدر، بلاول ڀٽو زرداري، وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اها هڪ تمام وڏي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق جي علامت آهي ڇو ته ان کانسواءِ ڪا به قوم ايتري وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي عام ماڻهو ۽ غريب طبقي جو تحفظ ڪرڻو آهي، اشرافيه کي ايثار ۽ قرباني جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اهڙا منصوبا جن تي اسان ڪم ڪري روڪي سگهون ٿا انهن کي روڪڻ گهرجي ۽ فنڊز جي بچت ڪري عام ماڻهو ۽ غريب ماڻهو جي تحفظ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام سان معاشي استحڪام ممڪن آهي، هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڪمزور طبقي سان گڏوگڏ زرعي شعبي جي تحفظ تي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪڻڪ جي لاباري جو ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي ان جي لاءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي ضرورت آهي، فصل جي پوکي جي لاءِ پڻ ڊيزل جي ضرورت آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي شعبي کي به بچائڻو پوندو ته جيئن عام ماڻهو تي بار نه پوي، ان جي لاءِ گڏجي ۽ ڪفايت شعاري ڪري فنڊز جمع ڪرڻا پوندا.











