وزيراعظم پاران ملڪ تي معاشي ۽ مالياتي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي منڊيءَ ۾ قيمتن ۾ اضافي جي رجحان جي ڪري ملڪ تي معاشي ۽ مالياتي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سمورا ضروري قدم پرعزم انداز ۾ جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي …

اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي منڊيءَ ۾ قيمتن ۾ اضافي جي رجحان جي ڪري ملڪ تي معاشي ۽ مالياتي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سمورا ضروري قدم پرعزم انداز ۾ جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڏس ۾ ملڪ تي مالياتي ۽ معاشي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعاظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تازي صورتحال جي مالياتي ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي تازي صورتحال جي ڏس ۾ ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ جو توازن برقرار رکڻ ۾ مشڪل درپيش آهي، الحمدالله پاڪستان ان مشڪل صورتحال کي وڏي ڪاميابي ۽ موثر طريقي سان حل ڪري رهيو آهي، سمورن ادارن ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي روڪٿام جي لاءِ موثر ۽ وقت سر قدم کنيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ملڪي ضرورتن جي فراهمي کانپوءِ وڏي مقدار کي برآمد ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي اڳڀرائي ڪاميابي سان جاري آهي، حڪومت ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سمورا قدم پرعزم انداز ۾ جاري رکندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمي منڊيءَ ۾ قيمتن ۾ اضافي جي رجحان جي ڪري ملڪ تي معاشي ۽ مالياتي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون سان حڪمت عملي معيشت جي سمورن شعبن جي استحڪام ۽ ترقي کي نظر ۾ رکي ٺاهي وڃي، عالمي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڏس ۾ پيداواري لاڳت وڌڻ سان برآمدات ۽ ملڪي مجموعي پيداوار تي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم تجويز ڪيا وڃن، تازي ڏکي معاشي صورتحال جي زراعت ۽ صنعت جي پيداوار تي اثر روڪڻ جي لاءِ دستياب ذريعن ۽ موقعن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا وزيراعظم جي هدايت موجب روزاني جي بنياد تي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ معاشي اثرن جو جائزو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جوڙيل حڪمت عملي معيشت جي سمورن شعبن جي پيداوار ۽ طلب ۽ پهچ جي توازن کي متاثر نه ڪري. وزيراعظم مشڪل صورتحال جي باوجود پاڪستان ۾ ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ جي توازن کي قائم رکڻ تي ٿورا پڻ ادا ڪيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ٻاهرئين ۽ اندروني ميڪرو اڪنامڪ اثرن کي پڻ خاص طور تي جانچيو وڃي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں