اسلام آباد - پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو ۽ ٽه ملڪي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني. سندس چوڻ هو ته ٽه ملڪي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جي ڪاميابي پاڪستان جي مثبت عالمي ڪردار جو مظهر …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهتو، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سندس استقبال ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو ۽ ٽه ملڪي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني. سندس چوڻ هو ته ٽه ملڪي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جي ڪاميابي پاڪستان جي مثبت عالمي ڪردار جو مظهر آهي، پاڪستان جي موثر سفارتڪاري عالمي سطح تي مثبت پيغام ڏئي رهي آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته قومي قيادت جي بهترين حڪمت عملي سان پاڪستان جو عالمي تشخص وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي، ڪامياب سفارتي ڪوششن سان پاڪستان عالمي سطح تي باوقار انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مستحڪم ۽ ڪامياب دورو خوش آئنده اڳڀرائي آهي.











