اسلام آباد - 01 اپريل (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوارڻي تربيت واري وزارت جامع تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اھم قدمن طور وفاقي تعليمي نظام (ايف ڊي اي) تحت 346 تعليمي ادارن ۾ ريميڊيل ٿراپي سروسز جي فراھمي جو منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ معاھدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آھن. معاھدي تي صحيحين واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائيڪالاجي، امتياز مرڪز، قائد اعظم يونيورسٽي سان …
تعليم ۽ پيشيوارڻي تربيت واري وفاقي وزارت ريميڊيل ٿراپي جي فراھمي جو منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ معاھدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 اپريل (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوارڻي تربيت واري وزارت جامع تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اھم قدمن طور وفاقي تعليمي نظام (ايف ڊي اي) تحت 346 تعليمي ادارن ۾ ريميڊيل ٿراپي سروسز جي فراھمي جو منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ معاھدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آھن. معاھدي تي صحيحين واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائيڪالاجي، امتياز مرڪز، قائد اعظم يونيورسٽي سان گڏ شراڪتداري کي باضابطا شڪل ڏني وئي. ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سيڪريٽري وزارت نديم محبوب ۽ وفاقي تعليمي نظام جون اعليٰ اختياريون به موجود ھيون،جڏھن ته پروفيسر ڊاڪٽر روبينه حنيف معاھدي کي حتمي شڪل ڏني. اھي قدم ڊسليڪسيا بل 2022ع تحت کنيا ويا آھن، جنھن جو مقصد سکڻ ۾ مشڪلاتن جو شڪار شاگردن کي وقت تي ۽ اثرائتي مدد فراھم ڪرڻ آھي. منصوبي تحت 60 ماھر ريميڊيل ٿراپسٽس ۽ 3 تجربي ڪار ڪوآرڊينيٽرز تي ٻڌل ٽيمون مقرر ڪيون وينديون، جيڪي شاگردن کي تشخيصي جاچ سان گڏو گڏ تحقيقي بنيادن سان ٻڌل علاج ۾ مدد فراھم ڪنديون. اختيارين مطابق ان منصوبي ذريعي نفسياتي خدمتن جي ماھر کي استادن جي پيشيوارڻي تربيت سان جوڙيو ويندو ته جيئن ھڪ پائيدار نظام کي جوڙي سگھجي. ان نظام تحت مختلف تعليمي ضرورتن وارن شاگردن کي رسمي تعليمي ڍانچي اندر پنھنجي صلاحيتن سان ڀرپور اظھار جا برابر موقعا فراھم ڪيا ويندا. اھو منصوبو حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ملڪ ۾ جامع ۽ برابر تعليم کي ھٿي ڏني وڃي ۽ ھر ٻار کي اڳتي وڌڻ جا ھڪ جھڙا موقعا فراھم ٿين.











