سينيٽ چيئرمين پاران آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نَون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عهديدارن کي واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سينيٽر سرمد علي کي صدر، ناز آفرين سهگل لاکاڻي کي سينيئر نائب صدر، شهاب زبيري کي نائب صدر، محمد اطهر قاضي کي سيڪريٽري جنرل، محسن بلال کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نويد ڪاشف کي فنانس …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عهديدارن کي واڌايون پيش ڪيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سينيٽر سرمد علي کي صدر، ناز آفرين سهگل لاکاڻي کي سينيئر نائب صدر، شهاب زبيري کي نائب صدر، محمد اطهر قاضي کي سيڪريٽري جنرل، محسن بلال کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نويد ڪاشف کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ساڻن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ جي نئين قيادت تي ميمبرن جو اعتماد ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته هو اخباري صنعت کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل ٽيم اخباري صنعت کي درپيش معاشي ۽ پيشيوراڻه چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع عملي اختيار ڪندي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ذميدار ۽ باخبر ميڊيا نه صرف جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي پر قومي ڳالهين کي مضبوط بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ صحافت جي آزادي جي تحفظ ۽ ميڊيا جي اداره جاتي استحڪام لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندي. سينيٽ چيئرمين نئين چونڊيل قيادت جي ڪاميابي ۽ ملڪ ۾ معياري صحافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.

مزید خبریں