ريلوي واري وفاقي وزير پاران خيبرپختونخواهه ۾ دھشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -01 اپريل(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي خيبرپختونخواهه ۾ دھشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي ته بنون ۽ باڙا ۾ 13 خارجي دھشتگردن جو خاتمو، سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظھر آھي. بيان ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته دھشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو عزم واکاڻ جوڳو آھي، سموري قوم کي انهن تي …

اسلام آباد -01 اپريل(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي خيبرپختونخواهه ۾ دھشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي ته بنون ۽ باڙا ۾ 13 خارجي دھشتگردن جو خاتمو، سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظھر آھي. بيان ۾ وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته دھشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو عزم واکاڻ جوڳو آھي، سموري قوم کي انهن تي ناز آھي، ملڪ جي دشمن عنصرن خلاف ھر محاذ تي مقابلو ڪيو ويندو. ھن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بھادري ۽ قربانيون ناقابل فراموش آھن، دھشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سموري قوم متحد ۽ پر عزم آھي، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ھر ڀيري ناڪامي کي منھن ڏيڻو پوندو. ھن چيو ته ملڪ ۾ امن امان لاءِ ڏنل قربانيون ضايع نه وينديون، قومي ادارا دھشتگردي خلاف جنگ ۾ ھڪ پيج تي آھن.

مزید خبریں