تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي سنگين قومي چئلينج قرار، صحت، تعليم، ان سبب بنيادي ڍانچو ۽ روزگار جا شعبا دٻاءُ جو شڪار آهن: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي سنگين قومي چئلينج آهيجنهن جي ڪري صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جا شعبا دٻاءُ جو شڪار آهن، ملڪ ۾ هر سال تقريبن 62 لک ماڻهن جي واڌ ٿي رهي آهي جيڪا نيوزيليند جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ جي روشنيءَ ۾ …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي سنگين قومي چئلينج آهيجنهن جي ڪري صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جا شعبا دٻاءُ جو شڪار آهن، ملڪ ۾ هر سال تقريبن 62 لک ماڻهن جي واڌ ٿي رهي آهي جيڪا نيوزيليند جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ جي روشنيءَ ۾ هڪ اهم اجلاس دوران ڪيو، جنهن ۾ ناڻي وارو صلاحڪار عدنان پاشا صديقي، صحت وارو سيڪريٽري ، ڊي جي پاپوليشن، ڊي جي هيلٿ ۽ـ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت دنيا جو پنجون وڏو آباديءَ وارو ملڪ آهي۽ موجوده رفتار برقرار رهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان انڊونيشيا کي به پوئتي ڇڏي ڏيندو. هن چيو ته آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ملڪ جي انفراسٽرڪچر کي متاثر ۽ قومي منصوبا بندي کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آباديءَ ۾ واڌ تي ضابطو نه آيو ويو ته ترقيءَ جو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري پيدائش جي شرح کي 3.6 کان گهٽ ڪري 2.0 تائين آڻڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي. وفاقي وزير بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ايران اثرائتي حڪمت عمليءَ ذريعي آباديءَ ۾ توازن پيدا ڪيو ۽ پنهنجي شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته صحت واري وزارت ۽ سمورن لاڳاپيل ڌُريون ان سلسلي ۾ مربوط قدمن کي يقيني بڻائي رهيون آهن.

مزید خبریں