اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي)نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي)31 مارچ کان 5 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪان موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق امڪاني برساتن جي …
اين ڊي ايم اي پاران 31 مارچ کان 5 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات جو الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي)نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي)31 مارچ کان 5 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪان موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق امڪاني برساتن جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ تربت، ڪيچ، گوادر، خضدار، زوب ۽ لسٻيلو جي علائقن ۾ اوچتو ٻوڏ صورتحال جو خدشو، جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان آهي. ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا جي مٿانهين ۽ جابلو وارن علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات، آنڌاري، طوفان ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد سميت پنجاب جي شهرن جن ۾ ڪوهه مري، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، گجرات، سيالڪوٽ، لاهور، ميانوالي ۽ منڊي بهاولدين ۾4 اپريل تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي. خوشاب، سرگوڌا، گوجرانوالا، حافظ آباد، فيصل آباد، قصور، اوڪاڙه، نارووال، ڊي جي خان، ملتان، بهاولپور، ساهيوال، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ به برسات جو امڪان آهي.خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ به 31 مارچ کان 5 اپريل تائين گجگوڙ سان برسات آنڌاري جو امڪان آهي. چترال، دير، سوات، شانگلا، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ هري پور ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي علائقن اسڪردو، هنزه، گلگت، استور، ديامر، غزر، مظفرآباد، باغ، راولاڪوٽ، حويلي ۽ وادي نيلم ۾ به برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي شهرن ڪوئيٽا، زوب، زيارت، چمن، قلات، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، پشين، بارکان، سبي، ڊيره بگٽي، خضدار، آواران، واشڪ، پنجگور، تربت، گودار ۽ لسٻيلو۾ ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران برسات جو امڪان آهي. 2 کان 3 اپريل دوران سنڌ جي شهرن ڪراچي، ٺٺو، بدين، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سڄي ملڪ ۾ تيز هوائون، وڄ ۽ ڳڙو پوڻ، ڪمزور تعميرات، وڻن ۽ بجلي جي لائن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. برسات سبب روڊن ترڪڻ جون شڪار، ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. جابلو علائقن ۾ برفباري سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي مسافر احتياط ڪن. جابلو علائقن ۾ مسلسل برسات سبب لينڊ سلائينڊنگ جي خطري ۾ به اضافي جو خدشو آهي. شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، گاڏي احتياط کان هلائين ۽ موسمي هدايتن تي عمل ڪن. تيز هوا ۽ طوفان دوران وڻن، ڪمزور تعميرات ۽ تنصيبن کان پري رهن. عوام اين ڊي ايم اي جي آفيشنل ايپ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ کان بروقت ڄاڻ حاصل ڪن. اين ڊي ايم اي، سموري صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي امڪاني موسمي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.











