اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي)موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي، جڏهن ته خيبر پختونخوا، ڏکڻ/ وچولي پنجاب، ڪشمير ۽ مٿانهين سنڌ ۾ شام / رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبر …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي)موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي، جڏهن ته خيبر پختونخوا، ڏکڻ/ وچولي پنجاب، ڪشمير ۽ مٿانهين سنڌ ۾ شام / رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، پنجاب، اسلام آباد، زيارت، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي ۾ 36، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد ۽ موهن جو دڙو ۾ 35 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











