بيجنگ - 31 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي واحد قابل عمل رستو قرار ڏيندي نار ۽ وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي، ايران ۽ نار رياستن جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه دوران طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ نار ۽ وچ اوڀر …
پاڪستان ۽ چين پاران تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري واحد قابل عمل رستو قرار

مزید خبریں
بيجنگ – 31 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي واحد قابل عمل رستو قرار ڏيندي نار ۽ وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي، ايران ۽ نار رياستن جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه دوران طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنج نقاطي قدم پيش ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اڱاري ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ نار ۽ وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. بيان موجب ڌرين فوري جنگبندي تي زور ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان فوري جنگبندي ۽ تڪرار جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششن جو مطالبو ڪن ٿا. هنن سمورن متاثر علائقن ۾ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. جلد کان جلد امن ڳالهه ٻولهه تي زور ڏيندي ٻنهي ملڪن ايران ۽ نار رياستن جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي. چين ۽ پاڪستان لاڳاپيل ڌرين جي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۾ حمايت ڪندي زور ڏنو ته سموريون ڌريون پرامن حل لاءِ پرعزم رهن ۽ ڳالهه ٻولهه دوران طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي کان پاسو ڪن. ٻنهي ملڪن غيرفوجي هدفن جي تحفظ تي زور ڏيندي چيو ته هٿياربند تڪرارن ۾ شهرين جي تحفظ جي اصولن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي. چين ۽ پاڪستان ڌرين کان مطالبو ڪن ٿا ته اهي شهرين ۽ غيرفوجي هدفن تي حملا فوري طور تي بند ڪن، عالمي انساني قانون جي مڪمل پابندي ڪن ۽ توانائي پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس ۽ بجلي جي ٺڪاڻن سميت اهم انفراسٽرڪچر، پرامن ائٽمي ٺڪاڻن تي حملن کان پاسو ڪن. بيان ۾ سامونڊي گذرگاهن جي تحفظ جي حوالي سان چيو ويو ته آبنائي هرمز ۽ ان سان لاڳاپيل پاڻي عالمي واپار ۽ توانائي جي پهچ جي لاءِ انتهائي اهم گذرگاهه آهي. چين ۽ پاڪستان ڌرين تي زور ڏين ٿا ته اتي موجود جهازن ۽ عملي جي سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي، شهري ۽ واپاري جهازن جي جلد ۽ محفوظ اچ وڃ ممڪن بڻائي وڃي ۽ ان رستي تي معمول جي چرپر جلد بحال ڪئي وڃي. بيان ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي کي اجاگر ڪندي چيو ويو ته چين ۽ پاڪستان حقصيقي گهڻ رخي نظام جي فروغ، گڏيل قومن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ جامع امن فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي جي حمايت ڪن ٿا ته جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن جي بنياد تي پائيدار امن حاصل ڪري سگهجي.











