ڪميونٽي کي آگاهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٻوڏ واري صورتحال کي اثرائتي نموني مُنهن ڏئي سگهجي ٿو: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ڪميونٽي کي آگاهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٻوڏ واري صورتحال کي اثرائتي نموني مُنهن ڏئي سگهجي ٿو، انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪيوٽي کي مضبوط بنائڻ اهميت رکندڙ آهي. موسمياتي چئلينجز شدت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊيٽا شيئرنگ، تحقيق ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ضروري اهي. اهڙن …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ڪميونٽي کي آگاهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٻوڏ واري صورتحال کي اثرائتي نموني مُنهن ڏئي سگهجي ٿو، انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪيوٽي کي مضبوط بنائڻ اهميت رکندڙ آهي. موسمياتي چئلينجز شدت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊيٽا شيئرنگ، تحقيق ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ضروري اهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري جي ڏينهن هتي فلڊ ارلي وارننگ ۽ اڳواٽ ڪارروائي جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو وڏو چئلينج آهي، اوچتو ايندڙ آفتن جي حوالي سان مقامي ڪميونٽيز جي تربيت پڻ ضروري آهي، ٻوڏ سبب وڏي انگ ۾ ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته مضبوط ڀائيواري ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال کان بهتر اڳواٽ منصوبا بندي آهي. هن چيو ته موسمياتي آفتون فقط انگ اکر ناهن پر انساني ڏُک ڀريون حقيقي ڪهاڻيون آهن جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي. وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ هڪ ٻار هٿ ۾ کنيل پاڻيءَ ۾ پُسيل ڪتاب کڻي پنهنجي پيءُ طرف ڏسي رهيو هو جڏهن ته ان جو گهر ۽ اسڪول تباهه ٿي چڪو هو، اها ڪنهن به ڊزاسٽر جي اصل تصوير آهي جتي ٻارن جي اکين ۾ خوف ۽ والدين جي بي بسي نظر اچي ٿي. هن چيو ته هزارين فوتگين ۽ لکين متاثرن جا انگ اکر پنهنجي جاءِ تي پر هڪ انساني جان جو نقصان مڪمل دنيا جي ختم ٿيڻ جي برابر آهي، ملڪ ۾ آيل ٻوڏن سبب تمام وڏو نقصان ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن وقت سر وارننگ سسٽم اثرائتو نه هجي ۽ ماڻهن کي محفوظ ماڳن تائين منتقل ڪرڻ جو عملي انتظام نه هجي ته باقي سمورا قدم بي معنيٰ آهن. هن سوال اُٿاريو ته اهڙو مربوط نظام موجود آهي جيڪو فيلش فلڊ يا گليشيئر ليڪ يا ڦاٽڻ جي صورت ۾ 20 کان 30 منٽ پهرين ماڻهن کي خبردار ڪري سگهجي. هن نشاندهي ڪئي ته ڪيترن ئي ماڳن تي اوزار لڳل ته آهن پر ان جي ڪنيڪٽوٽي موجود ناهي جنهن سان ان جي افاديت ختم ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته وارننگ سسٽم کي ضلعي انتظاميه، پوليس، ڪميونٽي ۽ گهرن تائين اثرائتي طريقي سان ڳنڍڻ گهرجي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جهڙن سيٽلائيٽ، ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي اثرائتو نظام قائم ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ مربوط حڪمت عملي ۽ عملي قدم ضروري آهن. هن صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن تي زور ڀريو ته دريا جي ڪنارن تي غير قانوني اڏاوتن ۽ خطرناڪ علائقن ۾ آبادڪاري کي فوري روڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هي مستقبل ۾ وڌيڪ تباهيءَ جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته موسمياتي چئلينجز شدت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڊيٽا شيئرنگ ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں