آءِ ايس پي آر پاران جرائت جي نشان جي سنسني خيز قسط جاري

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جرئت جي نشان جي سنسني خيز قسط جاري ڪري ڇڏي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي جوانن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال بهادري تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.تفصيل مطابق اها ڪهاڻي ميجر علي شهيد ۽ حوالدار نثار شهيد جي جرئت جو داستان آهي. پاڪ فوج جي انهن دلير جوانن بلوچستان جي علائقي زوب ۾ هڪ خطرناڪ ڳجهي …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جرئت جي نشان جي سنسني خيز قسط جاري ڪري ڇڏي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي جوانن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال بهادري تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.تفصيل مطابق اها ڪهاڻي ميجر علي شهيد ۽ حوالدار نثار شهيد جي جرئت جو داستان آهي. پاڪ فوج جي انهن دلير جوانن بلوچستان جي علائقي زوب ۾ هڪ خطرناڪ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل آپريشن ۾ دشمنن جو مقابلو ڪيو جنهن ۾ ڳرن هٿيارن سان ليس دهشتگردن خلاف گهٽ انگ باوجود ايس ايس جي ٽيم ڪامياب حڪمت عملي ۽ ثابت قدمي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. انهن دلير جوانن فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي نه رڳو روڪيو پر کين جهنم حوالي پڻ ڪيو، ان آپريشن ۾ ميجر علي ۽ حوالدار نثار بهادري ۽ قرباني جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. هنن پنهنجي جرئت سان معصوم شهرين کي بچايو ۽ هميشه لاءِ قومي هيروز ۾ پنهنجو نالو لکرايو. اها قسط انهن جوانن جي عظيم قرباني ۽ استقامت کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ ياد ڏياري ٿي ته پاڪستان جو امن ۽ سلامتي شهيدن جي قربانين سبب آهي.

مزید خبریں