افغان عوام پاران پاڪ فوج جي قيادت سان والهاڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار، افغان شهري جي پاڪ فوج ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حمايت ۾ وڊيو وائرل

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) افغانستان جي عوام پاڪ فوج جي قيادت سان والهاڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي، افغان شهري جي پاڪ فوج ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حمايت ۾ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تفصيل مطابق افغان شهري وڊيو ۾ آپريشن غضب الحق ۾ پاڪ فوج هٿان تباه ٿيل افغان ٽينڪ ڏيکاري آهي، …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) افغانستان جي عوام پاڪ فوج جي قيادت سان والهاڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي، افغان شهري جي پاڪ فوج ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حمايت ۾ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تفصيل مطابق افغان شهري وڊيو ۾ آپريشن غضب الحق ۾ پاڪ فوج هٿان تباه ٿيل افغان ٽينڪ ڏيکاري آهي، وڊيو ۾ افغان شهري طالبان اڳواڻ هيبت الله کي پيغام ڏنو آهي ته هر فرعون لاءِ موسيٰ آيو آهي، تنهنجي لاءِ حافظ قرآن عاصم منير آيو آهي، جهڙيءَ ريت پاڪ فوج پڪتيڪا ۾ ٽينڪ ساڙي، اهڙيءَ ريت (هيبت الله) توکي به مجاهدين ائين پنهنجن هٿن سان ماريندا. وڊيو ۾ افغان شهري پاران لکيو ويو آهي ته آءِ لو پاڪستان، آءِ لو جنرل آصم منير(فيلڊ مارشل) وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو.پاڪستان هٿان افغان طالبان رجيم جي ذلت آميز شڪست سان عام افغان شهري به ان فتني مان نجات لاءِ پرميد نظر اچي رهيا آهن.

مزید خبریں