ڀلي پار ۾ حج دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ حاجين جي خدمت ڪندڙن جي تربيت شروع

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ڀلي پار ۾ حج 2026ع دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ حاجين جي خدمت ڪندڙن جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته ڀلي پار ۾ حاجين جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ حاجين جي خدمت ڪندڙن جي خصوصي تربيت لاءِ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. تربيت مختلف مرحلن ۽ فني بنيادن تي هوندي. جنهن …

اسلام آباد-31 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ڀلي پار ۾ حج 2026ع دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ حاجين جي خدمت ڪندڙن جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته ڀلي پار ۾ حاجين جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ حاجين جي خدمت ڪندڙن جي خصوصي تربيت لاءِ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. تربيت مختلف مرحلن ۽ فني بنيادن تي هوندي. جنهن جو مقصد پاڪستاني حاجين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ حج جي ڏينهن ۾ رهنمائي، رستن، خيمن ۽ عمارتن جي حوالي سان مڪمل آگاهي ڏيڻ آهي. تربيت ۾ حاجين جي خدمت ڪندڙن کي خدمت ۽ معاونت جي حوالي سان به خاص طور تي هدايتون ڏنيون پيون وڃن.

مزید خبریں